سنڌ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي قبضي خلاف نيشنل پارٽي جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) نيشنل پارٽي سنڌ وحدت طرفان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن، سامونڊي حدن تي مرڪزي حڪومت جي غيرآئيني  قبضي خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق قبضو ڪري ملڪ دشمني جي شروعات ڪئي آهي، هنن چيو ته اهڙو غيرقانوني عمل قومي وحدت ڌاڙو هڻڻ جي برابر آهي، تاج مري چيو ته سڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي لاوارث نه سمجهو وڃي، سازشن تحت وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، هر دور ۾ سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکيو آهي. اسين وفاق کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن. هن چيو ته اسين وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي ٻيٽن تان فوري طور قبضو ختم ڪري نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.