وزيراعظم کي شيرين مزاري جا ڳوڙها نظر اچن ٿا، عوام جا نه: حافظ حمد الله

اسلام آباد ( م ڊ ) جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمد الله چيو آهي ته وزيراعظم کي شيرين مزاري جا ڳوڙها نظر اچن ٿا پر عوام جا نظر نٿا اچن، هو  کنڊ، اٽي، دوائن، ٽماٽرن ۽ پيٽرول چورن کي گڏ ويهاريون ويٺو آهي. وزيراعظم عمران خان جي خطاب تي رد عمل ڏيندي حافظ حمد الله چيو ته مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جو ڪپتان، اوپننگ بيٽسمين ۽ آل رائونڊر آهي، عمران خان ٻڌائي ته سندس 126 ڏينهن جو ڌرڻو هو يا سرڪس، عمران خان پارليامين کي گاريون ڏنيون، سول نافرماني جو اعلان ڪيو ، هنڊي ذريعي پئسا موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.