ڪراچي ۾ڪارخاني جي ٽانڪي صاف ڪندي6 پورهيت فوت

ڪراچي( رپورٽر ) سائٽ ايريا ۾ ڪمپني جي ڪيميڪل ٽينڪ ۾ ڪم دوران ساهه ٻوسا ٽجڻ سبب 6 پورهيت حياتيون وڃائي ويٺا.رپورٽ  موجب ڪراچي جي صنعتي علائقي سائٽ ايريا ۾ ڪمپني جي اندر  ڪيميڪل جي ٽينڪ ۾ ڪم دوران 6 پورهيت فوت ٿي ويا. لاشن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گارمينٽس فيڪٽري جو ٽينڪ ڪيميڪل جو هو ۽ واقعي وقت پورهيت فيڪٽري جي ٽينڪ جي صفائي ڪري رهيا هئا.شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته پورهيت ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا آهن. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  جاچ جي لاءِ شاهديون گڏ ڪرڻ ۽ اکين ڏٺن شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.