سعودي تاريخ ۾ ڪرپشن جو وڏو اسڪينڊل پڪڙيو ويو

رياض ( م ڊ )  سعودي عرب ۾ اينٽي ڪرپشن اٿارٽي ملڪ  ۾ ڪرپشن جو سڀني کان وڏو ڪيس پڪڙيندي 22 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب اينٽي ڪرپشن  اٿارٽي 600 ملين سعودي ريال کان وڌيڪ جي ڪرپشن پڪڙي آهي ۽ ڪيس ۾ 22 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان ڪيس کي سعودي عرب جو سڀني کان وڏو ڪرپشن ڪيس قرار ڏنو پيو وڃي. عرب ميڊيا جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته هن ڪيس ۾ 13 سرڪاري ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جو تعلق رياض جي ميونسپلٽي سان آهي. جڏهن ته چئن واپارين ۾ ڪنٽريڪٽنگ ڪمپني جا 5 اهلڪار به جلسازي جي سنگين ڏوهه ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن.عرب ميڊيا موجب جوابدارن جي گهرن جي تلاشي دوران اختيارين کي 193 ملين کان وڌيڪ سعودي ريال ڪيش جي صورت ۾ مليا جيڪي ڇتين جي اندر مسجد جي سروس روم، واٽر ٽينڪ ۽ انڊر  گرائونڊ لڪايا ويا هئا. ان کان علاوه گرفتار  ٿيل جوابدارن وٽان 142 ملين ريال کان وڌيڪ ريئل اسٽيٽ پراپرٽي به سامهون آئي جيڪا  هنن غيرقانوني فنڊن مان ٺاهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.