ڄامشوري ۾قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ علامتي بک هڙتال

ڄامشورو ( ڊ ر) سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ سنڌ سڀا پاران  ڄامشوري ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي آهي،  بک هڙتال ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ انعام سنڌي، انور بڙدي، ڊاڪٽر نذير کوکر، عاشق اوڍاڻو، ذوالفقاراڄڻ، سورهيه سنڌي، محمد بخش مري،  ڪامريڊ سومر جمالي، ڪامريڊ جوشيلو سنڌي، امان الله چانڊيو،کنڀجي ويلن جي وارثن سميت وڏي انگ ۾ شهري شريڪ ٿيا. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڌرتي سان محبت جي ڏوهه ۾ ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، وارث واپسي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن پر کين آزاد نه پيو ڪيو وڃي.  هنن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث به سمجهيا وڃن ٿا ته کين ظاهر ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن سندن وارثن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.