نواز شريف عدليه تي حملا پيو ڪري، برداشت نه ڪنداسين: فروغ نسيم

ڪراچي ( م ڊ ) قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو سمورو بيانيو عدليه تي حملو آهي، جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو.  ڪراچي ۾ پنجين جڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فروغ نسيم چيو ته پاڪستان ۾ عدليه تي بنا جواز تنقيد ڪئي ويندي آهي، پاڪستان جا ادارا اسان جي ريڊلائن آهن، سڀني کي احترام ڪرڻو پوندو، ڪرپٽ سياسي ليڊرشپ جي ڪري ئي پاڪستان هن صورتحال تي پهتو آهي. هن چيو ته اپوزيشن جي ڪنهن بياني ۾ جان ناهي، سموريون شيون تڪراري آهن، گذريل ڏينهن ڪنهن چيو ته پاناما ڪيس هڪ سازش هئي، ڇا وزيراعظم يا عسڪري قيادت چيو هو ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيو، ڇا اوهان کي عمران خان يا فوج چيو ته مني ٽريل نه ڏيو؟، اوهان وٽ مني ٽريل نه هئي.

ڄام اڪرام ڌاريجي فيڪٽري ۾ 6 پورهيت فوت ٿيڻ جو نوٽيس ورتو

ڪراچي(رپورٽر) اينٽي ڪرپشن ،صنعت ، واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو  ڪراچي سائيٽ ايريا ۾ فيڪٽري جي ڪيميڪل ٽينڪ ڪم دوران مزدورن جي وفات تي نوٽس وٺندي ايم ڊي سائيٽ کي ٽيم سان گڏ حادثي واري جاءِ جو معائنو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ هن افسوسناڪ واقعي جي رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي. هن وڌيڪ هدايت ڏيندي چيو ته عفلت ڪندڙن جي ذميوار ماڻهن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي.

سينيئر صحافي مظهر عباس ڪورونا ۾ مبتلا، دعا جي اپيل

ڪراچي ( م ڊ ) سينيئر صحافي مظهر عباسي جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ۾ مظهر عباسي تصديق ڪئي ته سندس ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي  آهي، هن عوام کي اپيل ڪئي ته هن سميت ڪورونا مريضن جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وڃي.

ڪراچي ۾ اڄ برسات، ماهيگيرن کي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت

ڪراچي ( رپورٽر) موسميات کاتي اڄ ڪراچي ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪندي ڄاڻايو آهي ته سمنڊ اندر اتر اوڀر ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ موجود آهي ۽ ان جا اثر ڪراچي ۾ تيز  هوائن جي صورت ۾ نظر ايندا،موسميات کاتي موجب ڊپريشن جي اثر سبب ڪراچي ۾ اڄ هلڪي برسات جو امڪان آهي،  جڏهن ته سمنڊ ۾ چاڙهه اچي سگهي ٿو، ماهيگيرن کي اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ گهر جي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.