نوازشريف جي شڪايت تي راحيل شريف ظهيرالاسلام کان پڇاڻو ڪيو، استعيفيٰ طلبي جي جاچ نه ٿي؟

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ان وقت جي آرمي چيف جنرل(ر) راحيل شريف کي شڪايت ڪئي هئي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل(ر) ظهير الاسلام هن کان استعيفيٰ گهري هئي جنهن کانپوءِ آرمي  چيف وزيراعظم ۽ هن جي اهم وزيرن سان ملاقات دوران ڊي جي آءِ ايس آءِ کان پڇاڻو ڪيو پر جنرل ظهيرالاسلام انڪار ڪيو هو ته هن وزيراعظم کي اهڙو ڪو پيغام موڪليو هو، سينيئر صحافي انصار عباسي جي رپورٽ مطابق ظهيرالاسلام کي  وزيراعظم کي ٻڌايو ته هن جي ڪجهه جونيئر آفيسرن ايئن ڪيو هوندو پر ڊي جي آءِ ايس آءِ جو چوڻ هو ته ائين ممڪن ناهي، جيڪي ماڻهو ان معاملي ۾ شامل هئا انهن سان پس منظر ۾ ٿيندڙ ڳالهين مان خبر پوي ٿي ته هڪ ” پيغام ڏيندڙ“ نوازشريف کي مبينه طور تي ظهيرالاسلام طرفان پيغام پهچايو هو ته هو استعيفيٰ ڏئي، پر پيغام ڏيندڙ وزيراعظم کي ٻڌايو ته آءِ ايس آءِ جي بريگيڊيئر ظهيرالاسلام جو پيغام هن تائين پهچايو آهي ته اهو پيغام نوازشريف تائين پهچايو وڃي، جڏهن ان پيغام ڏيندڙ سان دي نيوز هن جو موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ان معاملي تي ڳالهين کان لنوائي رهيو هو پر اها تصديق ٿي آهي ته هن جي ان وقت جي وزيراعظم نوازشريف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان رات دير سان ٿيندڙ ملاقات آگسٽ 2014ع جي ٽئين هفتي ۾ ٿي هئي، آءِ ايس آءِ جي رٽائرڊ بريگيڊيئر رابطي تي ٻڌايو ته هن ” پيغام ڏيندڙ“ سان ڳالهه ڪئي نه ئي ان ڏينهن هن سان ڪا ملاقات ٿي هئي، ظهير الاسلام ڪڏهن به هن کي ايئن نه چيو هو، جنرل ظهيرالاسلام جي رٽائرمينٽ کانپوءِ وزيراعظم جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ۽ سينيئر جنرلن سان ملاقات ۾ هن جنرل راحيل شريف کي چيو هو ته ڇا ان معاملي تي جاچ نه ٿيڻ گهرجي، پر سچائي ڄاڻن لاءِ اهڙي ڪنهن تحقيقات جو حڪم نه ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.