فوج بابت ناڪاري زبان استعمال ڪرڻ ٺيڪ ناهي: بلاول

ڪراچي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪي به مسئلا آهن انهن جو حل جمهوريت ۾ آهي، چاهيون ٿا ته  اسان کي حقيقي ۽ مڪمل جمهوريت ملي،  سڀ کان پهرين پارليامينٽ ۾ جمهوريت بحال ڪرائڻ چاهيون ٿا، عمران خان وانگر قومي اسيمبلي اسپيڪر به ڪٺ پتلي آهي، ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي اڄوڪي جلسي جي سلسلي ۾ جلسي گاهه جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪ جي نمائندگي ڪن ٿا، ان ڪري انهن جو پراڊڪشن آرڊر جاري ٿيندو آهي، ڪنهن جو پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ احسان ناهي، هن چيو ته پاڪستاني عوام عمران خان کي ايمنسٽي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته چاهيون ٿا ته هر ڪرپٽ جو احتساب ٿئي، هر ڪرپٽ لاءِ هڪ ئي قانون هجي، هن چيو ته عدالت بي آر ٽي ۽ عليمه باجي ڪيس جو فيصلو ڏئي، عوام عدليه کي انصاف جي اميد سان ڏسن ٿا، هن چيو ته ڪٺ پتلي راڄ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي، اڄ ڪراچي ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، هن چيو ته جلسن ۾ فوج بابت منفي زبان استعمال ٺيڪ ناهي، عمران پاڻ دفاعي ادارن کي سياسي حربي طور استعمال ڪندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.