نواز شريف جو بيانيو ڪنهن حد تائين ٺيڪ آهي: وڏو وزير

ڪراچي ( رپورٽر )  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نواز شريف جو بيانيو ان جو نقطه نظر آهي ۽ ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهي، وفاقي وزير  شبلي فراز کي دعوت ڏيان ٿو ته ڪراچي ۾ اچي ۽ اپوزيشن جو جلسو ڏسي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جلسي گاهه باغ جناح جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.  هن چيو ته نواز شريف جي بيانئي سان مڪمل اتفاق ناهي پر ڪنهن حد تائين ٺيڪ آهي. هن چيو ته صوبي جو سربراهه مان آهيان، پوليس جي غلط ڪمن جو جواب به مان ئي ڏيندس. هن چيو ته پيپلزپارٽي هر سال 18 آڪٽوبر کي شهيدن جي ياد ۾ تعزيتي جلسو ڪندي آهي، هلندڙ سال پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي قيادت جلسي کي عزت بخشي، وفاقي حڪومت جي قدمن سبب عام ماڻهو پريشان آهي، اڄ سموري سنڌ جو عوام هتي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو. هن چيو ته شبلي فراز کي دعوت ڏيان ٿو ته هتي اچي پنهنجي اکين سان ڏسي، جيڪڏهن گوجرانوالا جو جلسو ناڪام هو ته حڪومت پريشان جو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.