نيوي ٽريول ايجنسي هلائي سگهي ٿي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(  م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان نيول فارمز ۽ نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري  ورتو.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله پاڪستان نيول فارمز ۽ نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيوي جي وڪيل ملڪ قمر افضل دليل مڪمل ڪري ورتا.عدالت ريمارڪس ڏنا ته جتي رول آف لا نه هجي اُتي غربت ٿيندي آهي ۽ ان جا اثر عوام کي ڀوڳڻا پوندا آهن. چيف جسٽس طهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن هي ڪنهن کان قرض وٺڻ ۽ ڊيفالت ٿي وڃن ته ڇا نيول چيف خلاف ڪيس ٺهندو؟ اوهان جيڪو پڙهيو آهي، ان موجب ته ڪنهن غلطي ڪئي ته ذميوار هيءَ ڪميٽي هوندي، قانون سڀني لاءِ برابر آهي، ڇا اوهان ٽريول ايجنسي اڃان هلائي سگهي ٿو. عدالت ڌرين کي لکت ۾ دليل هڪ هفتي ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سي ڊي اي آفيسر کي چيو ته توهان کي مطمئن ڪرڻو پوندو ته اِها اجازت ڪيئن ڏني؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.