بلوچستان ۾ فورسز تي حملو، هڪ اهلڪار شهيد، 3 زخمي

تربت ( م  ڊ)  بلوچستان جي شهر  تربت ۾ سڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.آءِ ايس  پي آر جاري ڪيل بيان موجب تربت ويجهو جهڪي پوسٽ وٽ پيٽرولنگ پارٽي تي دهشتگردن حملو ڪري ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ لانس نائيڪ وسيم الله شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 3 جوان زخمي ٿي پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.