فوج جي سينيئر ۽ جونيئر رينڪس ۾ فرق ڪرڻ جي سازش ٿي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ)وفاقي وزير فواد چوڌري چيوآهي ته سڀ غيرجانبدار تجزيه ڪار به اهو چئي رهيا آهن ته گجرانوالا جي جلسي ۾ 15 کان 18 هزار  ماڻهو گڏ ٿيا هئا. پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ هن چيو ته اپوزيشن جو پهريون جلسو ڪو به تاثر قائم ناهي ڪري سگهيو. اڳواڻن جي تقريرن ۾ غيرجمهوري ٻولي استعمال ڪئي وئي ۽ ادارن خلاف محاذ بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي. جلسي مان اهو تاثر وڃي ٿو ته اپوزيشن کي فائدو نه نقصان ٿيو آهي، هن چيو ته نواز شريف ۽ ان جي پارٽي طرفان عدالتن ۽ فوج کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ پاڪستان جي رياست تي حملو آهي. ادارا نواز شريف جو پئسو ۽ دولت بچائڻ ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ڪندا،فوج جي سينئر ۽ جونئر رينڪس ۾ فرق قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڀارت جي ايجنڊا آهي،نواز شريف باقي قيد هتي گذاريندو يا هو پاڪستان جي عوام جو پئسو واپس ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.