ٺري ميرواهه ويجهو تدفين دوران ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 4 زخمي

ٺري ميرواهه ( ن ع آ )ٺري ميرواهه ويجهو ڳوٺ سليم شر ۾ مڙهه قبرستان ۾ دفن ڪرڻ نه ڏنو ويو، پلاٽ جي تڪرار  تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾  جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ميڊيا رپورٽن موجب  لٺيون لڳڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هوائي فائرنگ به ڪئي وئي،  اطلاع تي  پوليس چار ڪلاڪ دير سان پهتي، پرڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي، وارثن لاش ناڪا چوڪ تي رکي  احتجاج ڪيو، ان موقعي تي عطا محمد شر، نديم شر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته امتياز شر، محمد خان شر، منظور حسين شر، مهر علي شر، افضل شر، ارشد علي شر، علي رضا شر ۽ ٻين قبرستان ۾لاش دفن ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ سائين بخش شر زخمي ٿي پيو، هنن چيو ته هو  بااثر آهن،  قبرستان تي قبضو ڪري رهيا آهن،  قبرساتن ۾ ڪيترين ئي قبرن جي بي حرمتي ڪئي وئي آهي، ميرواهه پوليس ڪارروائي ڪرڻ کان لاچار بڻيل آهي، هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قبرستان تي قبضو ڪندڙ  مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي،  ٻئي طرف پير سيد احمد علي شاهه جيلاني خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. جڏهن ته واقعي جو ڪيس ميرواهه ٿاڻي داخل ڪيو ويو.ميڊيا رپورٽ موجب  لٺيون لڳڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پياآهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.