ربيع الاول جو چنڊ نظر نه آيو، 12 ربيع الاول جمعو 30 آڪٽوبر تي ٿيندي

ڪراچي ( م  د) چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي سربراهه مفتي منيب الرحمان اعلان ڪيو آهي ته ربيع الاول جو چنڊ نظر نه آيو. ربيع الاول جو چنڊ ڏسڻ لاءِمرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو  اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ مفتي منيب الرحمان اعلان ڪيو ته ربيع الاول جو چنڊ نظر نه آيو، پهرين ربيع الاول 19 آڪٽوبر ۽ 12 ربيع الاول جمعي تي 30 آڪٽوبر تي ٿيندي.

پنجاب فيصلو ڏئي ڇڏيو، اڄ سنڌ بغاوت جو اعلان ڪندي: پلوشه خان

ڪراچي(رپورٽر) پ پ اڳواڻ پلوشه خان چيو آهي ته هڪ واضح لڪير ڇڪجي وئي آهي، هڪ پاسي عمران خان آهي ٻئي پاسي عمران خان، پنجاب فيصلو ڏئي ڏئي  ڇڏيو، هاڻي سنڌ اڄ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوامي تحريڪ سان دنيا ۾ ماڻهن ڊڪٽيٽرن کي گهر موڪليو، اهي ڪهڙي باغ جي موري آهن، اڄ هتي ڪراچي ۾ غدار ئي غدار هوندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.