اسلام آباد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جو چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري

اسلام آباد (م ڊ ) اسلام آباد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن  مطالبن جي مڃتا لاءِ چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو.ڊي چوڪ تي ڌرڻي ۾ سڄي ملڪ مان آيل ليڊي هيلٿ ورڪر ويٺل آهن، ڌرڻي واري جڳهه کي چوڌاري ڪنٽينرز ۽ ڪنڊيدار تارون لڳائي بلاڪ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري به اتي موجود آهي.ليڊي هيلٿ ورڪرن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته گذريل ڪافي وقت کان نه ته اسان جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي وري اسان جو سروس اسٽرڪچر جو مسئلو حل ڪيو پيو وڃي.. 10 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي ڪهڙي به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪيو ويندو. حڪومت ڳالهين ۾ غير سنجيده نظر اچي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.