بلاول جلسي ۾ غلط زبان استعمال ڪئي آهي: شهباز گل

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار  ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گجرانوالا جي جلسي ۾ غلط زبان استعمال ڪئي آهي. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ هن چيو ته بلاول اهو ٻڌايو ته 10 سيڪڙو جهڙا ماڻهو ٻارن جي پرورش ڪندا ته ٻار وڏا ٿي ماڻهن جي گهرن جي عورتن بابت اهڙي گندي بدزباني ڪندا . هن چيو ته بلاول زرداري پنهنجي اصليت ٻڌائي ويو آهي ۽ گڏوگڏ انهن لفافن جي به جيڪي هن کي لبرل چون ٿا.

نواز شريف جي طلبي لاءِ برطانوي اخبارن ۾ اشتهار ڇپرائڻ بابت ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي

اسلام آباد ( م ڊ )  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طلبي لاءِ برطانوي اخبارن ۾ اشتهار  ڇپرائڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي سومر تي ٿيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل سنگل بينچ وفاق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي. وفاقي حڪومت پاران اسسٽنٽ اٽارني جنرل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته عدالت نواز شريف جي طلبي لاءِ اشتهار ڇاپڻ جو حڪم ڏنو آهي پر نواز شريف لنڊن ۾ رهي ٿو، ان ڪري دي گارجين ۽ دي ٽيليگراف اخبارن ۾ اشتهار ڇاپڻ جي اجازت ڏني ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.