نوابشاهه ۾بجلي بل جو حصو گهرڻ تان ڀائرن هٿان پورهيت قتل

نوابشاهه ( رپورٽ: اڪرم چانڊيو) نوابشاهه ۾ بجلي ۽ گيس جو بل گهرڻ تان ڀائرن هٿان  ڀاءُ قتل ٿي ويو، دولت ڪالوني ۾ 38 ورهين جي  پورهيت بشير ملاح کي وڏي ڀاءُ وحيد ملاح، ننڍي ڀاءُ وزير ملاح ۽ ڀائٽي عجب ملاح ڏنڊا ۽ چاقون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم يو اسپتال نوابشاهه آندو ويو، جتي زخمن جا سُور نه سهندي فوت ٿي ويو. مقتول بشير ملاح جي سُهري مير حسن ملاح ٻڌايو ته بشير پنهنجي ڀائرن وحيد ۽ وزير علي کان گيس ۽ بجلي جي بِل جو حصو گهريو، جنهن تان  ڏند چڪ بعد ٽنهي ڄڻن بشير کي لٺين ۽ چاقن سان قتل ڪيو. هن چيو ته مقتول بشير مزدوري ڪندو هو ۽ سڀئي ڀائر هڪڙي ئي گهر ۾ رهندا هئا ۽ هي گهر جي مٿئين ڪمري ۾ رهندو هو ،هن چيو ته هن جا ڀائر موالي آهن ڪو به ڪم ڪار نه ڪندا آهن منهنجو نياڻو بشير مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو هو، ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او اويس مڱريو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، پر مقتول جي ڌُر مان اڃا تائين ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪير به نه پهتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.