ٽوئيٽر تي ”جواب ڏيو“ ٽاپ ٽرينڊ، نوازشريف زبان ڏني: صارف

ڪراچي(م ڊ) ٽوئيٽر تي هڪ اهم سرڪاري شخصيت خلاف ٽاپ ٽرينڊ رهيو، ميمونه نالي صارف لکيو ته توهان عوام آڏو جوابده آهيو، توهان  هڪ نااهل حڪومت مڙهي آهي، اويس قيوم رانا چيو ته نوازشريف اسان کي همت ڏني ته توهان رڳو سوچي ئي نه پر ڳالهائي به سگهو ٿا، عرفان فيصل نالي صارف اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته دنيا ۾ پاڪستان اندر سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ٿيندي،اي ايس ڪي لکيو ته نوازشريف ڳجهين قوتن جا نالا کڻڻ لاءِ اسان کي زبان ڏئي ڇڏي،هن خوف جي زنجير ٽوڙي آهي، عمير چڍڙ لکيو ته اسٽيبلشمينٽ آزادي کان وٺي اسان جي آئين سان مذاق ڪندي پئي اچي، سياست ۾ انهن جي مداخلت ختم ڪرڻي پوندي، جڏهن ته آرمي جي حمايت ۾ به ٽاپ ٽرينڊ هلندو رهيو، راڻا عابد راجپوت لکيو ته آئون پاڪستان آرمي سان محبت ڪريان ٿو، پاڪ آرمي اسان جو شان آهي، رضا رياض لکيو ته سياست ۾ مداخلت سان اداري جي ساک سواليه نشان بڻجي ٿي، ڪوڙي انا ختم ڪريو، ثمرينه لکيو ته توهان قوم کي ورهائي ڇڏيو آهي، آئون نوازشريف کي سلام پيش ڪريان ٿي جيڪو مافيا خلاف اٿي بيٺو آهي، مولانا فضل الرحمان جي حامي ساجد لکيو ته صاحب، توهان کي جواب ته ڏيڻو پوندو، عرفان فيصل لکيو ته ڪڻڪ جو اٽو 94 سيڪڙو مهانگو ٿيو آهي، ڪاشف شاهه لکيو ته پاڪستان ۾ رڳو هڪ ئي رياست آهي جيڪا عوام جي ووٽ سان اچي ٿي، رياست کان مٿانهين رياست نه کپي، چوڌري عبدالعزيز گجر ايڊووڪيٽ لکيو ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، آئين اتم آهي، جواد ڪفيل لکيو ته 22 گريڊ جو آفيسر جواب ته ڏيڻو پوندو جڏهن ته دانش ابراهيم نوازشريف جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته گدڙ، فيصل رسول لکيو ته گوجرانواله اسٽيڊيم جي گنجائش 35 هزار ماڻهو آهي اهي سڀ چور گڏجي به ان کي نه ڀري سگهيا، رابعه راجپوت لکيو ته عمران خان ليڊر آهي جيڪو مافيا کي لغام ڏئي رهيو آهي، حسبان ميمڻ لکيو ته نوازشريف ياد رک، تنهنجو وقت پورو ٿي چڪو آهي، بسمه ساجد لکيو ته جيڪڏهن نوازشريف کي واقعي عوام جي ڳڻتي آهي ته پاڪستان واپس اچي، پر اسان کي خبر آهي ته هو واپس نه ايندو ڇو ته هو بزدل ۽ چور آهي، وسيم مغل لکيو ته جيڪڏهن عمران خان اڳ ۾ اها ڪاوڙ ڪري ها ته نوازشريف  آرمي کي بدنام نه پيو ڪري ها، وي آءِ پي ڪلچر ختم ڪريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.