سراج دراني جي گهر ڀاتين ۽ ٻين جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌهاءِ ڪورٽ ۾صوبائي اسمبيلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گهر ڀاتين ۽ ٻين جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي جسٽس اقبال ڪلهوڙي  جي موڪل جي ڪري ملتوي ڪئي وئي. آغا سراج دراني سميت ٻين تي هڪ ارب کان وڌيڪ رپين جون ملڪيتون ٺاهڻ جو الزام آهي، جوابدارن ۾ آغاسراج دراني جي گهرواري ناهيد دراني، پٽ شهباز دراني ۽ ٽي ڌيئرون سونيا دراني،  سارا دراني ۽ شاهانا دراني سميت ٻيا شامل آهن، گذريل حڪم نامي ۾ جوابدارن جي عارضي ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي هئي.

سنڌ سليڪٽڊ حڪمرانن کي گهر موڪليندي: اسماعيل راهو

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آھي ته ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر جمهوريت بچائڻ نڪرندي ۽ سليڪٽڊ حمڪرانن  کي گهر موڪليندي، پي ڊي ايم جو 18 آڪٽوبر وارو جلسو تاريخ ساز هوندو. ھن اھڙن خيالن جو اظھار پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪي. ھن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم اي جاجلسا شروع ٿيندي ئي بني گالا وارا گهٻرائجي ويا آهن، پي ڊي ايم  جو جلسو ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف آهي، سليڪٽڊ حڪومت  جلد وڃڻ وارو آهي .

بلاول ۽ مريم عمران کي ناني ياد ڏياري: نواز ليگ

لاهور(م ڊ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته بلاول ۽ مريم نواز عمران خان کي سندس ناني ياد ڏياري ڇڏي،  وزيراعظم پاڻ تسليم ڪيو آهي ته مهانگائي هن جي حڪومت جي نالائقي جي ڪري آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان کي نوازشريف جي تقرير مان ڪا تڪليف ناهي ته ان کي پي ٽي وي تي ڏيکاري، هن چيو ته عمران خان جو سياسي نقاب اڄ مڪمل طور تي وائکو ٿي ويو، هن جي تقرير ترس جوڳي هئي،

وزيراعظم کي نواز شريف ۽ اپوزيشن فوبيا ٿي وئي آهي: آفتاب شيرپائو

پشاور ( م ڊ ) قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب خان شيرپائو چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي نواز شريف ۽ اپوزيشن فوبيه  ٿي وئي آهي، سليڪٽڊ حڪومت عوام جو برو حال هال ڪري ڇڏيو آهي، عوام لاءِ 2 ويلا ماني کائڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي. پارٽي جي 8 يوم تاسيس کي خطاب ڪندي آفتاب شيرپائو چيو ته مهانگائي ديرو ڄمائي ورتو آهي،  پي ٽي ايم عوام جي صحيح ترجماني ڪري رهي آهي،حڪومت مان جند آجي ڪرائڻ ضروري آهي. هن چيو ته رياست عوامي نمائندن کي اهميت ڏئي، رياست کي حڪومتي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي، 18 هين ترميم ۽ اين ايف سي سان هٿ چراند جي اجازت نه ڏني ويندي.

آرمينيا جو آذربائيجان تي ميزائل حملو، 13 ڄڻا مارجي ويا

باڪو ( م ڊ ) آرمينيا جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪندي آذربائيجان تي هڪ ٻئي پٺيان ميزائل حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 13  شهري مارجي ويا جڏهن ته 40 زخمي ٿي پيا آهن.پرڏيهي خابرو موجب آرمينيا ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ چڪرين جو سلسلو جاري آهي. آرمينيا جي فوج آذربائيجان جي شهر گانجا ۾ ميزائل فائر ڪيا جيڪي شهري علائقن ۾ ڪريا جنهن سبب ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا. ميرائل حملي ۾ آذربائيجان جا 13 شهري مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. آذربائيجان ميزائل حملي ۾ فوتگين جي تصدفي ڪندي ٻڌايو ته زخمين مان 9 جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فوتگين جي انگ ۾ واڌ جو امڪان آهي.آرمينيا هڪ دفعو ٻيهر جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.  ٻئي طرف آرمينيا به آذربائيجان تي فائربندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جا الزام هڻندي چيو آهي ته پنهنجي حدن ۾ ڊرونز ڏٺا ويا. جڏهن ته هڪ هفتي دوران اسان جا 29 فوجي مارجي ويا اهڙي طرح 27 سيپٽمبر کان هن وقت تائين آرمينيا جا 633 فوجي مارجي چڪا آهن. واضح رهي ته تڪراري علائقي نگونوڪارياخ تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ 27 سيپٽمبر کان هلندڙ چڪرين دوران 400 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا آهن ۽ هزار جي ويجهو زخمي ٿيڻ کان پوءِ روس جي ٽياڪڙي ۾ گذريل هفتي جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو هو.

پاڪ فوج آذربائيجان جي مدد نه پئي ڪري: پاڪستان

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان چيو آهي ته پاڪ فوج آذربائيجان جي مدد نه پئي ڪري، ان حوالي سان آرمينيا جي الزامن کي رد ڪيون  ٿا. پرڏيهي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري موجب هن آرمينيا جي وزيراعظم جو روسي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ڏٺو، جنهن ۾ هو پاڪ فوج تي الزام هڻي پيو. هن  چيو ته آرمينيا جي وزيراعظم جي اهڙي بيان کي سختيءَ سان رد ڪيون ٿا، آذر بائيجان جو صدر الهام عليوف به ان حوالي سان وضاحت ڪري چڪو آهي، آذربائيجان جو صدر چئي چڪو آهي ته فوج ڪنهن به پرڏيهي جي مدد کانسواءِ ئي صورتحال سنڀالڻ جي اهليت رکي ٿي، آرمينيا جي قيادت پنهنجي غير آئيني قدمن کي لڪائڻ جي پروپئگينڊا ڪري رهي آهي، پاڪستان آذربائيجان جي سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.

نواز شريف سياسي خيرات جو پيغام اماڻيو هو: اسد عمر

اسلام آباد ( م ڊ )  رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ڪجهه هفتا اڳ کين سياسي خيرات جو پيغام اماڻيو هو. ٽوئٽر تي پيغام ۾ اسد  عمر چيو ته نواز شريف پنهنجي لاءِ ۽ مريم نواز لاءِ ادارن کي مداخلت جي درخواست ڪندو رهيو ، ناڪامي کانپوءِ کيس فوجي قيادت ۽ جمهوريت دشمن لڳڻ شروع ٿي وئي آهي. اسد عمر چيو ته ميان صاحب ڪجهه هفتا اڳ سياسي خيرات جو پيغام موڪليو، ڇا کيس ان وقت خبرنه هئي ته ملڪ ۾ 4 ڀيرا مارشل لا لڳو، هاڻي کيس اها خبر لنڊن پهچڻ بعد پئي آهي. هن چيو ته اپوزيشن ايف اي ٽي ايف قانون جي اوٽ ۾ حڪومت کي بليڪ ميل ڪري اين آر او گهرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي، هي ڪهڙو سياستدان آهي، جيڪو ڪلڀوشن جو نالو نٿو وٺي ۽ مودي کي گهر گهرائي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.