ڌارين جي آبادڪاري نه روڪي وئي ته سنڌي ريڊ انڊين بڻجي ويندا: ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ)  سنڌ جي دانشورن، محققن ۽ اديبن چيو آهي ته سنڌ گورن انگريزن جي غلامي مان نڪرڻ بعد ڪارن انگريزن جي غلامي هيٺ اچي وئي آهي، سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ وڪرو ٿي رهي آهي، ڌارين جي آبادڪاري ۽ زمين جي وڪري کي نه روڪيو ته سنڌي سمجهه کان ٻاهر  مصيبت هيٺ اچي ويندا، هنن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه  ڪراچي ۾ دي انٽلڪچوئل فورم پاران پاڪ آمريڪن ڪلچرل سينٽر ۾ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو،مقررن سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي کي سازش قرار ڏيندي چيو ويو ته اهڙن عملن سان وفاق ۽ صوبن وچ ۾ لاڳاپا سڌرڻ بدران وڌيڪ خراب ٿيندا، سنڌ پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي سنڌ سميت سڀني صوبن سان برابري جو سلوڪ ٿيڻ گهرجي، سنڌي پاڪستان ۾ رهي پنهنجا حق گهرن ٿا ۽ اهي پنهنجا حق حاصل ڪندا، صدارتي خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي مستقل نمائندي عبدالله حسين هارون ڪراچي جي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي کي سازش سڏيندي چيو ته  سنڌ صوبي جي ڪنڊ ڪنڊ وڪرو ڪئي پئي وڃي، صوبي ۾ بجلي، پاڻي، ڊرينيج، جاگيرداراڻي سوچ سميت ٻيا مسئلا موجود آهن، سنڌين جي رت سان کيڏيو پيو وڃي، زخمي هجڻ باوجود جيڪڏهن همٿ نه ڪئي ته پوءِ گهڻي مشڪل ۾ اچي وينداسين ان لاءِ رڳو ڳالهيون ڪرڻ بدران عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عبدالله حسين هارون وڌيڪ چيو ته پهريان وفاق کي خط لکي ٻيٽن تان هٿ کڻڻ جو چيو ويو هاڻي چون ٿا ته ٻيٽ نٿا ڏيون اها انهن جي تربيت جي کوٽ آهي، هن چيو ته سنڌ جون زمينون بحريه، عسڪري ادارن کي ڏنيون ويون هاڻي اسان کان ٻيٽ به گهريا پيا وڃن، سنڌي ريڊ انڊين بڻجي ويا آهن ۽ اسان کي زيرو تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان ڪراچي جي ٻهراڙين ۾ سنڌي کي زمينون ڏيڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي ته سرڪار وري سنڌين لاءِ  ذوالفقار آباد جي نالي تي زمينون ايجنٽن ذريعي پٺاڻن کي وڪرو ڪيون، ٻيٽن جي ترقي جي ڳالهه ڪري اسان کان زمينون کسيون پيون وڃن، اها اسان جي ترقي نه تباهي هوندي،فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جا پئسا ڪيڏانهن ٿا وڃن ٿورو پتو ڪيو وڃي، مهاڻن جي حالت اڃا تائين زار آهي. هن سوال ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو اسٽيل مل لڳرائي سنڌ جي ترقي جي ڳالهه ڪئي هئي ڇا سنڌ ترقي ڪئي؟ انٽليڪچوئل فورم جي صدر مسعود نوراني چيو ته انگريز سرڪار ڊيوائيڊ اينڊ رول واري پاليسي اختيار ڪري مسلمان ۽ هندن وچ ۾ نفاق پيدا ڪرايو،  گورو انگريز ته ويو پر ڪارو انگريز اسان وٽ اچي ويو، ان ڪري هڪڙي غلامي مان نڪري ٻي غلامي ۾ اچي ويا آهيون، هن چيو ته سنڌ هن وقت بلڪل يتيم ٿي وئي آهي هاڻي انگريز واري ڊيوائيڊ اينڊ رول کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال آهي. انهن کي برابري جي بنياد تي اسان کي ٽريٽ ڪرڻو پوندو نڪي غلام طور. هن چيو ته سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي، سنڌي ٻولي اسان جي قومي ٻولي آهي جنهن سميت پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ملڻ گهرجي. ناليواري محقق خادم حسين سومرو ڳالهائيندي چيو ته ٽالپرن جي دور ۾ ڪراچي سنڌ جو ڪمرشل بندرگاهه رهيو. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو دور انديش ۽ ڏاها هئا هنن ڪراچي جي بهترين رٿابندي ڪئي ريٽائرڊ ڪاموري غلام سرور کهڙو ڳالهائيندي چيو ته 1843 ۾ انگريز سنڌ فتح ڪئي پر انهن ضروري سمجهيو ته مقامي سطح تي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ ان جو سکڻ تمام ضروري آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل آف پاڪستان عبدالوهاب بلوچ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي سنڌي ماڻهن جو حق هجڻ گهرجي، اسان کي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي اچڻو پوندو، پاڪستان جي قيام ۾ سنڌ جو ماءُ وارو ڪردار هو. سنڌ هيروز ۽ مزاحمتي ماڻهو پيدا ڪيا. پروفيسر محبوب شيخ ڳالهائيندي چيو ته 1947ع کان پوءِ سنڌ ۾ تعليمي ۽ اخلاقي زوال آيو. 1942ع کان پهريان سنڌ اندر هندو، مسلم، پارسي، يهودي ۽ سکن وچ ۾ پيار محبت ۽ ڀائيچاري وارو رويو هو. پروفيسر اعجاز قريشي تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ٻولي 1857ع ۾ آفيشل ٻولي هئي. سنڌ 1843ع کان 1900ع تائين روينيو جي مد ۾ اربين رپيا ڪليڪشن ڪندي هئي. پاڪستان ٺهڻ شرط 1948ع ۾ ڪراچي کي الڳ ڪري ڪيپيٽل بڻايو ويو، سنڌ يونيورسٽي کي 1951ع ۾ زبردستي ڪراچي کان ڄامشورو منتقل ڪيو ويو جيڪو عمل اسان جي خواهشن جي ابتڙ هو. سماجي اڳواڻ يونس مهر ڳالهائيندي چيوته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، انگريز دور ۾ سنڌ جي ماڻهن مزاحمت به ڪئي ۽ مختلف تحريڪن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.