ٻيٽن تي والار خلاف احتجاج جاري، گورنر ۽ سي ايم هائوس جي گهيراءُ جي ڌمڪي

حيدرآباد/سکر/ڪراچي ( نمائندن وٽان ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف  سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته  احتجاج وفاق خلاف سنڌ جي عوام جو ريفرينڊم آهي. سنڌ جا ٻيٽ ۽ سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ملڪيت آهن جنهن تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو پيپلزپارٽي فوري طور تي سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائي صدارتي آرڊيننس خلاف ٺهراءُ منظور ڪرائي. گل سينٽر کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ وڏي انگ ۾ قومپرست، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ايس يو پي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙو چيو ته ٻيٽن بابت جيڪڏهن پ پ وارا اين او سي جاري نه ڪن ها ته وفاق کي آرڊيننس جاري ڪرڻ جي جرئت ئي نه ٿئي ها، اڄ سنڌ جو غيرتمند ۽ باشعور عوام احتجاجن وسيلن هن آرڊيننس کي رد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مارشل لاءِ کان وڌيڪ هي بدترين جمهوريت آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، پر سمارٽ وزير اعظم عمران خان ۽ سنڌ جي وڏي وزير توڙي پ پ حڪومت خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي. جسقم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته پنجاب ۾ ڪالهوڪي ٿيل جلسي ۾ بلاول سنڌ بابت هڪ لفظ نه ڳالهايو، هو 18 آڪٽوبر تي ڳالهائيندو، گهر ۾ ڳالهائڻ آسان آهي، پر هن جي جرئت هجي ها ته پنجاب ۾ ڳالهائي ها. مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري قمرالزمان راڄپر چيو ته سنڌ جي ٻيٽن جي مالڪي لاءِ هر جدوجهد ڪنداسين، اسان مولانا فضل الرحمان جا شڪرگذار آهيون، جنهن سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي ٻيٽن بابت حمايت ڪئي. ان موقعي تي تاج جويو، احمد سولنگي، مشتاق ميراڻي، نذير قريشي، قربان پنهور، مهراڻ ميراڻي ۽ ٻين خطاب ۽ شرڪت ڪئي.   لاڙڪاڻي ۾ به قومپرست پارٽين تي مشتمل اتحاد سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي قومپرست پارٽين ۽ سول سوسائٽي پاران شهر جي جناح باغ مان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، قومپرست اڳواڻ ۽ ليکڪا ناياب سرڪش سنڌي، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، ضلعي صدر عزيز الرحمٰن شيخ، جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ جڳديش آهوجا، ڊويزنل صدر ڊاڪٽر مظهر مغل، ليڊيز ونگ اڳواڻ شيبا مغل، عوامي جمهوري پارٽي جي ڀائو در محمد ٻرڙو، سيد لال شاهه، محمد صلاح چانڊيو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي نائب صدر محمد صادق لاشاري، ضلعي جنرل سيڪريٽري طارق علي جتوئي، تعلقي اڳواڻن عامر ڪورائي، صدام مغيري، سول سوسائٽي جي اڳواڻن جميل گاد، ساجد چانڊيو سميت اديبن، شاعرن ۽ دانشورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي رياض چانڊيو چيو ته وفاقي حڪومت ۽ آئين ۽ قانون جي خلاف سنڌ جي 360 ڪلوميٽرن تي مشتمل ٻيٽن تي قبضي خلاف آرڊيننس جاري ڪيو آهي جنهن سان سنڌ جي ماحولياتي ۽ جاگرافيائي طور تباهي ٿيندي، جديد شهر ته ٺهڻ بجاءِ سنڌ ۾ هڪ به جهونپڙ نه رهندي، ڪراچي ۾ تحفظ سنڌ ريلي ڪڍڻ تي بغاوت جا ڪيس داخل ڪري سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسين عمران خان ۽ مراد علي شاهه کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته انهن جي جبر خلاف سنڌ جو وڪيل، دانشور، شاعر، اديب، واپاري ۽ عام شهري رروڊن تي نڪري احتجاج ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻيٽن بابت جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس جلد کان جلد واپس وٺي سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتيون بند ڪيون وڃن ٻي صورت پهرين نومبر تي ڌرتي ڌڻي گورنر هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس جو هڪ ئي وقت گهيراءُ ڪري سخت احتجاج ڪندا. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ جڳديش آهوجا چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ٻيٽن تي والار جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن ان لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. ايس يو پي اڳواڻ شيبا مغل چيو ته اسين وفاق ۽ خاص طور سنڌ حڪومت کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ جي ٻيٽين تي جيڪي قبضي ٿي رهيا آهن اهڙي آرڊيننس ۽ قبضي کي اسين رد ڪريون ٿا جيڪڏهن آرڊيننس واپس نه ورتو ويو ته ٻي صورت حڪمرانن جي گهرن جو گهراءُ ڪيو ويندو.    سنڌ ايڪشن ڪميٽي ضلعي سکر پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي امداد قاضي، اقبال خان، منير منور ۽ ٻين جي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ دشمن پاليسي تي عمل ڪندي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڪري وئي آهي، سنڌ واسي ڪڏهن به ڌرتي تي قبضو قبول نه ڪندا. رت جي آخري ڦڙي تائين ڌرتي جي حفاظت ڪنداسين. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي وفاقي حڪومت پاران ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شھر اڏڻ وارو صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ واري عمل خلاف قوم پرست پارٽين، سول سوسائٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن مجيب ماڇي، علي رضا خاصخيلي، انيلا رفيق ملاح، سرمد ميراڻي، عبدالخالق سولنگي، قومي شاعر مھر ڊٻائي، امداد رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئين ناڪي نوابشاهه کان سوين ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران وفاق حڪومت پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف اسٽيشن چوڪ کان ميرپورخاص پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي ريلي ۾ شريڪ سوين ماڻهن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي شهر جي مختلف روڊن تي مارچ ڪندي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا نامنظور جا نعريبازي ڪئي وئي.ڪنڌڪوٽ، قمبر، بدين، سانگهڙ، ٽنڊو الهيار، مٺي، عمرڪوٽ، ٺٽو، سجاول، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، نوشهروفيروز، مٺياڻي، ٺل، مورو، سنجهورو، ڄام نواز علي، مقصودو رند، ٽنڊو آدم، قاضي احمد، ميهڙ، سڪرند، سيوهڻ، ڪوٽڙي،خانپور،  کپرو، ميرپور بٺورو، نصير آباد، شهدادڪوٽ ۽  مورو ۾ به ٻيٽن خلاف نعريبازي ڪري صدارتي آرڊيننس واپس وٺڻ جي گهر ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.