گوجرانوالا جلسي جي ڪاميابي ۾ ”مهانگائي“ اهم فيڪٽر

گوجرانوالا ( م ڊ )  پهلوانن جي شهر گوجرانوالا ۾ ٿيل اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم جي جلسي کي ڪو ڪامياب سمجهي رهيو آهي ته ڪو ناڪام قرار ڏئي رهيو آهي پر ان حوالي سان بي سي سي پاران جلسي ۾ شرڪت  ڪندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جن جلسي ۾ شرڪت کي اصل ڪارڻ مهانگائي کان تنگ اچڻ کي ٻڌايو آهي. جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ثاقب فريد نالي شخص بي بي سي سان ڳالهائيندي جلسي ۾ ته ائين ٿيندو آهي، اڳواڻ خطاب ڪندا آهن، دعوائون ڪندا آهن،اهي پوريون ٿينديون يا نه ٿر پر هن وقت عوام لاءِ ڏکيو وقت آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال کان ڪاروبار ۾ وڏو فرق پيو آهي، خرچ وڌي ويا آهن، جتي دڪان جو سامان خرچ ڪرڻ تي 15 هزار خرچ ٿيندا هئا، اتي هاڻي 30 هزار رپيا خرچ پيا ٿين. جلسي ۾ شريڪ پرائيوٽ ٽيچر رضوان محمود چيو ته 5 سئو رپين ۾ هاڻي هڪ 2 شيءِ مشڪل سان ملي ٿي، اڳ ۾ گهر جي سبزي وغيره آرام سان ملي ويندي هئي. هن چيو ته اڳ ۾ بجلي جو بل 1500 ايندو هو، هاڻي 7 هزار اچي ٿو، عوام کي سڀ کان وڏي پريشاني مهانگائي جي آهي، مهانگائي ختم ڪري بجلي سستي ڪئي وڃي. اوڪاڙه جي حافظ شهباز چيو ته هو پنهنجي دوستن سان گڏ نواز شريف کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ آيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.