لياري عوامي محاذ جي سامونڊي پٽي تي قبضي خلاف شاندار ريلي

ڪراچي(رپورٽ: صادق سومرو) لياري عوامي محاذ طرفان سنڌ بلوچستان جي ساحلي پٽي تي وفاقي سرڪار جي جارحاڻي قبضي خلاف کڏا مارڪيٽ لياري ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ عوامي محاذ جي  عبدالخالق زردان، گل حسن ڪلمتي، عبدالخالق جوڻيجو، عابد بروهي، امان الله شيخ، پروفير اصغر دستي، زبير الرحمان، عبدالله جان، لطيف دورائي، سليم صالح بوزدار، سعيد بلوچ، ناصر منصور، ڪامريڊ زهران خان، عبدالله خان ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پهريان بحريا ٽائون جي نالي تي ملير، ڪاٺوڙ، گڏاپ  جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي حڪومت هاڻي هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌ بلوچستان جي ساحلي پٽي تي خاص طور تي سنڌ جي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي قبضو ڪري اتي جديد شهر ٺاهي ماهيگيرن کي ان جي معيشت کان محروم ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت ڀائيوار ٿي اهڙي عمل تي خاموش ٿي ويهي رهي آهي. ان کان اڳ ملير. ڪاٺوڙ،گڏاپ جي زمينن تي بحريا ٽائون جي نالي تي قبضو ڪيو ويو ۽ هاڻي وفاقي حڪومت هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي علائقن ، خاص ڪري سنڌ جي ساحلي ٻيٽن ، ڏنگي ۽ ڀنڊار تي قبضو ڪري چڪي آهي ۽ سنڌ حڪومت جي اهڙي خاموشي جي به مذمت ڪيون ٿا. لياري عوامي محاذ جي عبدالخالق زردان چيو ته  وفاق هڪڙي آرڊيننس جي ذريعي سنڌ جي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هتي جديد شهر اڏڻ جو  پروگرام به ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جديد شهر اڏڻ جي خلاف ناهيون، پر اتي  شهر جي اڏاوت  شروع ڪرڻ سان مهاڻا ويچار بيروزگار ٿي ويندا هن آرڊيننس سان ٽوٽل 300 ٻيٽ قضبي هيٺ اچي ويندا، هن چيو ته مسئلن کي منهن ڏيندا رهيا آهيون ۽ هاڻ به ڏينداسين ۽ سنڌ جو عوام پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻي ٿو اها ڪا نئين ڳالهه ناهي اهڙيون سازشون مشرف جي دور ۾ به ٿينديون رهيون آهن. گل حسن ڪلمتي چيو ته اسان جو لياري مان ريلي ڪڍڻ جو مقصد اهو آهي ته هتي به مهاڻا ويٺا آهن هي به مهاڻن جي پٽي آهي، اسان کي هتان تحريڪ شروع ڪرڻ گهرجي ڇو جو هتي به ڪيترائي ماهيگير رهن پيا، اسان سڄي سنڌ جا ماڻهو هتي گڏ ڪري ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي جيڪو قبضو ڪيو ويو آهي اهو ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين،اڳ ۾ به ملڪ رياض کان ٻيٽ ڏنا ويا هئا جنهن کي تحريڪن ۽ احتجاج ذريعي ناڪام بڻايو ويو هو ، اتي نيوي جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي اتان جي مهاڻن جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. هن وقت اتي ڪوبه مهاڻو نٿو  وڃي ٿي سگهي نه وري مڇي جو شڪار ٿو ڪري سگهي، ،ان موقعي تي ناصر منصور چيو ته هنن سنڌ کي پنهنجي قبضي آڻڻ لاءِ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش ڪئي هئي ۽ هنن ڪيترائي ڀيرا اهڙيون سازشون ڪيون آهن ڪالا باغ ڊيم تي به ائين قبضو ڪيو ويو هو پر سنڌ جو عوام تحريڪ ذريعي ناڪام بڻائي ڇڏيو هو، وفاق هجي يا توڙي سنڌ حڪومت ڪنهن جي به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ جو عوام پنهنجي وسيلن کي بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪرندو ۽ اهڙي سازش کي ناڪام ڪيو ويندو. امان الله شيخ چيو ته  هي جيڪو احتجاج ۽ جدوجهد آهي اهو اسان جو ابتدائي قدم آهي، جيڪي حڪمران سمجهن ٿا ته هن ملڪ کي اسان ڪالوني ڪري هلائينداسين  ۽ وسيلن تي قبضا ڪنداسين پر ائين ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏينداسين، هي جيڪي ٻيٽن تي ڪروڙين جا بنگلا ٺاهيندا ڪروڙين جا فليٽ ٺاهيندا انهن سان مهاڻن جي لاءِ تباهي پيدا ٿيندي جيڪي ويچارا مڇي ماري گذارو پيا ڪن اهي فليٽ ڪيئن خريد ڪندا، هتي نوان شهر اڏڻ سان تمام گهڻو نقصان ٿيندو نه ۽ مهاڻن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويندو ۽ ڪيترائي مهاڻا بيروزگار ٿي ويندا. عثمان بلوچ  چيو ته ٻيٽن تي قبضي جو پلان  تمام گهڻو پراڻو آهي اسان کي هميشه دير سان خبر پوندي آهي، هن وقت اسان جا جيڪي سامونڊي مسڪين مهاڻا جيڪي ويٺا آهن  هاڻي انهن کي اتان ڌڪاري ڪڍيو پيو وڃي، ، ڏنگي ٻيٽ تي گهڻو اڳ قبضو ٿي چڪو آهي ، هاڻ ڀنڊار تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڏنگي ٻيٽ 5 هزار ايڪڙ  ۽ ڀنڊار  هزار 12  ايڪڙ تي ٻڌل آهي، اهو قبضو تمام پراڻو آهي، ،جيڪڏهن هن وقت ائين سنڌي ماڻهن جي جدوجهد هلندي رهي ته منهنجي خيال ۾ هي ٻيٽ هنن کي ڪڏهن به ڪونه ملندا نه وري قبضو ڪري سگهندا. ڪامريڊ زهرا چيو ته هي آرڊيننس غيرقانوني آهي ۽ اڏاوتن جو جيڪو ڪم شروع ڪيو ويو آهي اهو به غيرقانوني ڪم آهي مونکي لڳي ٿو ته حڪومت جو آخري وقت اچي چڪو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.