ٻيٽن تي قبضو ڪندڙن جو سياسي قبرستان ٺهندو: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري سينيٽر مولابخش چانڊيو گجرانوالا جي ڪامياب جلسي تي بلاول  ڀٽو، مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي ڪري ئي اپوزيشن گڏ ٿي آهي، ان لاءِ منهنجي دل چوي ٿي ته جلسي جي ڪاميابي جي مبارڪ وزيراعظم ۽ حڪومتي وزيرن کي ڏجي. قاسم آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي مولابخش چانڊيو چيو ته هي سنڌ جي وحدت ۽ حقن خلاف سازشون ڪن ۽ سنڌ جا ماڻهون خاموش ويهن ائين نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته هنن کي ڳالهائڻ نٿو اچي، هي مزاحيه اداڪار ٿا لڳن، پي ٽي آئي ۾ شامل ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا ۽ سنڌ جي خلاف سازشون ڪن ٿا، سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، سنڌ حڪومت به وفاق جي انهيءَ فيصلي جي خلاف آهي،  سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جا ماڻهو وفاق جي ان فيصلي کي قبول نٿا ڪن. مولا بخش چانڊيو چيو ته توهان زبردستي ٻيٽ تي قبضو نٿا ڪري سگهو، توهان جو سياسي قبرستان ٺهندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.