سنڌين، بلوچن کي ڀت سان لڳائڻ ملڪ دشمني هوندي: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  سنڌ جي وحدت تي وار برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ ٽوڙڻ  جي اعلانن کان وٺي ٻيٽن تي قبضي جي سازش کان اڳ ۾ حڪمران اهو سوچين ته  سنڌ جي ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آهي. ڪراچي نه رڳو راڄڌاني اهي پر سنڌ جي دل آهي. ان ڪري نفرت جي سياست يا سنڌ جي وسيلن تي روزانو والار واري منصوبابندي ڪرڻ بدران ملڪ کي برابري، اتحاد ۽ ڀائيچاري سان اڳتي وٺي وڃڻ گهرجي، هن چيو ته اڄ جڏھن پاڪستان درجنين دشمنن جي گھيري ۾ آھي، تڏھن سنڌين پشتونن يا بلوچن کي ديوار سان لڳائڻ ملڪ سان دشمني ٿيندي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.