تبديلي جو خواب ڀور ڀور ٿي ويو، مهانگائي عروج تي آهي: سراج الحق

لاهور(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته چهرن جي تبديلي سان قوم جا 73 سال ضايع ٿي ويا آهن هاڻ  عوام کي نظام جي تبديلي جي لاءِ اٿي کڙو ٿيڻو پوندو. ظلم و جبر استحصالي نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کان سواءِ مثبت تبديلي نٿي اچي سگهي. منصوره ۾ وفدن سان ڳالهائيندي هن چيو ته تبديلي سرڪار جو هر قدم غلط رخ طرف اٿي رهيو آهي. تبديلي جو خواب هاڻ ڀور ڀور ٿي چڪو آهي مهانگائي ، بيروزگاري ۽ بد امني عروج تي پهچي وئي آهي. ماڻهو اٽي ۽ کنڊ جي لاءِ پريشان آهن ۽ هيڏانهن هوڏانهن گهمي رهيا آهن.پر حڪمران سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي جو راڳ وڄائي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.