خانپورمهر پوليس جو شڪي مقابلو، ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ

خانپورمهر (رپورٽ: ميهر مهر ) خانپورمهر پوليس مقابلي دوران  ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.  پوليس موجب جهانپور سان تعلق رکندڙ ڏوهاري غلام مصطفي عرف مصطو سميجو گشت ڪندڙ پوليس سان ساڌ پير وٽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويو. پوليس رات جو دير سان مبينا مقابلي  ۾ مارجي ويل جو لاش کڻائي خانپورمهر جي شيخ همدان اسپتال کڻائي آئي،  جتي پهرين مارجي ويل سڃاڻپ امداد مهر طور ظاهر ڪئي اٽڪل 3 ڪلاڪ گذرڻ بعد پوليس مارجي ويل جي سڃاڻپ سرحد ٿاڻي جي حد جي جهانپور واري علائقي جي رهواسي غلام مصطفي عرف مصطو سميجو پٽ عبدالسلام سميجو طور ڪئي، بعد ۾ سرحد پوليس مارجي ويل جي والد عبدالسلام سميجو کي کڻي اسپتال پهتي،  جتي هن مارجي ويل جي سڃاڻپ پنهنجي پٽ طور ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالسلام سميجو چيو  ته غلام مصطفي اڪثر ميان مٺو وارن وٽ رهندوهو،ڪالهه گهر آيو ۽ ڪپڙا بدلائي هليو ويو اڄ پوليس فون ڪئي ته اوهان جي پٽ کي پوليس مقابلي ۾ ماريو آهي.هن چيو ته ڪجهه سال اڳ منهنجي هڪ ٻئي پٽ کي به پوليس حاضري تان واپس تي کڻي ماري  ڇڏيو هو،لاش پوسٽ مارٽم بعد والد حوالي ڪيوويو،پوليس موجب مارجي ويل مٿان گهوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڦر، چوري، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن جا 25 ڪيس داخل ٿيل آهن.ايف آءِ آر موجب مقابلي دوران ڏوهاري ساٿين جون گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو، مارجي ويل ڳوٺاڻي جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻوهنيو ويو، غلام مصطفيٰ سميجو جي وارثن پاران اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو، مارجي ويل ڳوٺاڻي جي وارثن جو چوڻ هو ته خانپور مھر پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ غلام مصطفيٰ کي قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ شديد احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.