ايف آءِ اي پورن ويب سائيٽ جي ٽولي کي سوگهو ڪري ورتو

ڪراچي ( رپورٽر )ايف آءِ اي ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي ڪري غير اخلاقي ( پورن) ويب سائيٽ جي وڏي  ٽولي کي پڪڙي ورتو آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر سائبر ڪرائم سرڪل فيض الله ڪوريجو موجب ورچوئل ڪرنسي جي نالي تي عورتن کي غير اخلاقي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جوا نڪشاف ٿيو آهي، عورتن کي ايپيليڪشن ذريعي ڪلائنٽس سان ملايو ويندو،غير اخلاقي وڊيو ڪالنگ ذريعي عورتن کي ڪرنسي جي نالن تي ڊائمند ڏنو ويندو هو، عورتون جيتريون وڌيڪ ڊائمنڊ حاصل ڪنديون هيون، ايتري کين پگهار ملندي هئي، اها اپيليڪشن رمشا نالي عورت هلائيندي هئي، فضل قادر نالي شخص سندس ڀائيوار هو، ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ ڪارروائي ڪري فضل قادر کي گرفتار ڪيو ويو. هوڏانهن ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سيل عورت پوليس آفيسرن کي هراسان ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪراچي جي عورت ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر غزاله کي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي شڪايت تي ڪارروائي ڪري جوابدار نعيم عرف ڪالو کي گرفتار ڪيو ويو. جوابدار جي قبضي مان مليل موبائيل فون مان عورت آفيسر جون ڪيتريون ئي غير اخلاقي تصويرون ۽ ويڊيوز هٿ آيون، جوابدار ڪيس داخل ٿيڻ بعد ضمانت لاءِ آيو ته کيس گرفتار ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته جوابدار عورت آفيسر کي ڌمڪيون ڏئي پئسا گهري رهيو هو، سندس لاهور ۾ وڏو اثر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.