ڪراچي ۾ فليٽ تي ڇاپو، غير اخلاقي سائيٽ هلائيندڙ گروهه پڪڙيو ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائم ونگ ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي غير اخلاقي ويب سائيٽ هلائيندڙ گروهه کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي اختيارين موجب گلشن اقبال جي هڪ فليٽ تي ڇاپو هڻي غير اخلاق ويب سائيٽ هلائيندڙ گروهه کي مرڪزي جوابدار سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.

گرفتار ٿيل مرڪزي جوابدار جي سڃاڻپ فيصل قادر جي نالي سان ٿي جيڪو گلشن اقبال جي فليٽ ۾ غير اخلاقي ويب سائيٽ جي آفيس هلائي رهيو هو، ڇاپي دوران 9 موبائيل فون، ڪمپيوٽر ۽ ٻيون اليڪٽرائنڪ ڊيوائسز به قبضي ۾ ورتيون ويون آهن.

اختيارين موجب هٿ ڪيل اليڪٽرانڪ ڊيوائسز مان غير اخلاقي ويڊيوز ۽ ڇوڪرين جي ڊيٽا ملي آهي، هي گروهه ورچوئل ڪرنسي جي نالي تي عورتن کي غير اخلاقي ڪمن ۾ استعمال ڪندو هو ۽ ايپ جي ذريعي انهن کي ٻين گراهڪن سان به ملائيندو هو.

ايف آءِ اي موجب گروهه ڪجهه ڇوڪرين کان زوري غير اخلاقي ڪم به ڪرايا جڏهن ته هنن ملازمت ڏيڻ جي لاءِ مختلف اخبارن ۾ اشتهار به ڏنا.

غير اخلاقي ويڊيو ڪالز ڪندڙ عورتن کي ڪرنسي جي نالي تي ڊائمنڊ ڏنا ويندا هئا ۽ جيڪا جيترا وڌيڪ ڊائمنڊ گڏ ڪندي هئي ان کي اوترو ئي گهڻي پگهار ڏني ويندي هئي ۽ 4 لک ڊائمنڊ حاصل ڪرڻ تي عورت کي 7 هزار رپيا ڏنا ويندا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.