ڪوڙين ڊگرين تي پي آءِ اي جي 17 پائليٽن سميت 762 ملازمن کي گهر موڪليو: غلام سرور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان جو چوڻ آهي ته ڪوڙين ڊگرين جي ڪري قومي ايئر لائنز (پي آءِ اي) مان 17 پائليٽن سميت 762 ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي.

راولپنڊ ي۾ پريس ڪانفرنس ڪندي غلام سرور خان ٻڌايو ته 262 شڪي لائسنس رکندڙ پائليٽس کي معطل به ڪيو ويو آهي.

غلام سرور خان جو چوڻ هو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ان وقت پي آءِ اي 400 ارب کان وڌيڪ جي قرضي هو.

هوابازي واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي آءِ اي ۽ ان جي اثاثن جي وڪري جي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.