اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ جي بندش تي لکت وارو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ تي بندش جي فيصلي کي فوري معطل ڪرڻ جي درخواست تي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي جو 3 صفحن تي ٻڌل لکت وارو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي مرڪزي پٽيشن سان گڏ ٽڪ ٽاڪ تي بندش جي فيصلي کي فوري طور معطل ڪرڻ جي منع نامو جي درخواست تي به پي ٽي اي کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

عدالت حڪم نامي جي درخواست تي پي ٽي اي کي نوٽيس جاري ڪندي پڇيو آهي ته هو ٻڌائي ته ڪيس جي حتمي فيصلي تائين ڇو نه پي ٽي اي جو فيصلو معطل ڪيو وڃي؟

حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار جي وڪيل جيڪي سوال کنيا اُهي ڌيان طلب آهن.

صدر پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ (پي ايف يو جي)، اڳوڻي صدر مظهر عباس، وائس چيئرمين پاڪستان بار ڪونسل ۽ اڳوڻي سڌُ سماءَ واري وزير جاويد جبار کي عدالتي مددگار مقرر ڪندي چيو آهي ته مددگار پي ٽي اي جي اختيارن جي مبينا غلط استعمال تي سهڪار ڪن.

عدالت پي ٽي اي کي جي سينيئر آفيسرن کي به ايندڙ ٻڌڻي تي 23 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.