طاهر اشرفي جو حڪومت کان سمورن وڏن عالمن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان علما ڪونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفي حڪومت کان سمورن وڏن عالمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته ڪراچي ۾ 4 کان 5 وڏيون شخصيتون آهن جن کي سيڪيورٽي ملڻ گهرجي، ملڪ جون حالتون منظم سازش جي ذريعي خراب ڪيون پيون وڃن، اميد آهي ته جلد مولانا عادل جا قاتل انجام تي پهچندا.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪندي علامه طاهر اشرفي جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو ملڪ ۾ فرقيواريت کي هوا ڏيڻ چاهن ٿا اُهي اسلام جا دشمن آهن. سازشي عنصر پاڪ فوج ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلا پيدا ڪرڻ چاهن ٿا.

هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ کي هٿي ڏيڻ ۾ ملوث آهي.

علامه جو چوڻ هو ته مولانا عادل جو قتل عالم اسلام لاءِ سانحو آهي، صحابه جي توهين جا ذميوار ڪجهه ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته مولانا عادل کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. سمورن عالم جي سيڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.