آرمينيا جو اِهو الزام غلط آهي پاڪ فوج آذر بائيجان جي مدد پيو ڪري: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان آرمينيا جي ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪ فوج آذر بائيجان جي مدد ڪري رهي آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري موجب هن آرمينيا جي وزير اعظم جو روسي ٽي وي کي انٽرويو ۾ آذربائيجان سان پاڪستاني فوج جو گڏجي وڙهڻ وارو بيان ڏنو آهي.

هن چيو ته پاڪستان آرمينيا جي وزير اعظم جي ان بي بنياد بيان کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، آذر بائيجاني صدر الهام عليوف به ان حوالي سان وضاحت ڪري چڪو آهي، آذر بائيجاني صدر چئي چڪو آهي ته اهن جي فوج ڪنهن پرڏيهي فوج جي مدد کان سواءِ ئي صورتحال سنڀالڻ جي اهليت رکي ٿي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آرمينيا جي قيادت پنهنجي غير آئيني قدمن کي لڪائڻ جي لاءِ اهڙي پروپيگنڊه ڪري رهي آهي، پاڪستان آذر بائيجان جي سفارتي سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.