گمبٽ: لوڪ فنڪار شوڪت علي جو گمس ۾ علاج جاري، صحت ۾ سڌارو

لوڪ فنڪار شوڪت علي جو گمبٽ جي سرڪاري  اسپتال گمس جي لِور واري وارڊ ۾  علاج جاري آهي ، لِور ٽرانسپلانٽ جي ماھر ڊاڪٽر  عبدالوھاب ڊوگر ۽ دل جي ماھر ڊاڪٽرن جي ٽيم مطابق فنڪار شوڪت علي جي طبيعت ۾ بهتري آئي آهي . ان موقعي تي گمس سربراهه ڊاڪٽر رحيم بخش صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جڏهن پنجاب جي لوڪ فنڪار شوڪت علي کي لاهور جي اسپتال مان آ ندو ويو  هو ته بيهوشي واري حالت ۾ڳالهائي به نه پيو سگھي.  جڏھن گمس ۾ علاج شروع ڪيو ويو ته طبيعت بهتري ٿي رهي آهي. هن وقت شوڪت علي ڳالهائي سگھي ٿو ۽ کاڌ خوراڪ به کائي پي رهيو آهي. ھوڏانھن نالي واري پنجابي لوڪ فنڪار شوڪت علي طبيعت بهتر ٿيڻ تي شڪرادا ڪندي چيو سنڌ ڌرتيءَ جي ماڻهن ۾ محبت به آهي وفا به آهي شفا آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.