ٽنڊو الهيار: ڳوٺ هاشم هنگورو جي رهواسي عورتن پاران بااثر جي ظلم خلاف احتجاج

ٽنڊوالهيار لڳ قيصر سيهنڙو جي ڳوٺ هاشم هنگورو جي رهواسي عورتن ڳوٺ جي بااثرن پاران تشدد ڪرڻ ۽ زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ، ن موقعي تي خيربانو هنگورو . سڪينه هنگورو ۽ نور علي هنگورو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي برادري جا ڪجه بااثر انهن جي 17 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،  هنن چيو ته بااثرن پاران ڪيترائي ڀيرا انهن تي حملا ڪري عورتن توڙي مردن کي زخمي پڻ ڪيو  ويو آهي ،

اهڙو اطلاع عمرساند پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس انهن جي هڪ به نٿي ٻڌي، هنن آئي جي سنڌ . ڊي آئي جي حيدرآباد . ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان گهر ڪئي ته بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.