برطانوي عدالت جو ايم ڪيو ايم باني جي 6 ٽرسٽ جا اثاثا منجمند ڪرڻ جو حڪم

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي عدالت ايم ڪيو ايم باني جي بندوبست هيٺ 6 ٽرسٽ جا اثاثا منجمد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪورٽ جج پيٽر ناڪس جي حڪمن تي منجمند ڪيل پراپرٽيز ۾ ايبي ويو هائوس، هائي ويو گارڊنز فرسٽ هائوس، وائٽ چرچ لين فرسٽ هائوس، بروڪ فيلڊ ايونيو هائوس، هائي ويو گارڊنز سيڪنڊ هائوس، وائٽ چرچ لين سيڪنڊ هائوس ۽ ايم ڪيو ايم جو فرسٽ فلور الزبٿ هائوس آفيس شامل آهي.

عدالتي حڪمن جي تحت متحده باني ۽ هن سان ساٿي مقدمي جو نتيجو نڪرڻ تائين انهن پراپرٽيز ۾ رهي سگهي ٿو پر انهن کي وڪرو نٿو ڪري سگهي.

خيال رهي ته اثاثن جي حق ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان مقدمو داخل ڪيو آهي جنهن جو موقف آهي ته هي اثاثا هن جي ملڪيت آهن ۽ انهن اثاثن جي ملڪيت 15 ملين پائونڊ يعني لڳ ڀڳ 3 ارب رپين کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ٽرائل ۾ ڪجهه مهينا لڳڻ جا امڪان آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.