فرانس ۾ گستاخ خاڪن جي نمائش تي استاد قتل، پوليس فائرنگ ۾ جوابدار به مارجي ويو

فرانس(ويب ڊيسڪ) پيرس ۾ چيچن نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ”اظهار جي آزادي“ جي نالي تي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جا گستاخ خاڪا ڏيکاريندڙ ملعن استاد کي ڇُرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو جنهن کي پوليس فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب هي واقعو پيرس جي اتر اولهه ۾ موجود نفلان سينٽ اونوريئن ۾ پيش آيو. ڪيترائي ڏينهن اسڪول جو استاد ٻارن سان پيغمبر اسلام جي گستاخ خاڪن تي ڳالهيون شروع ڪيون هيون جنهن تي ڪيترن ئي والدين پنهنجي ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو هو.

توهين رسالت تي قتل ٿيل استاد ڪجهه ڏينهن اڳ ٻارن کي حضرت محمد علي الله عليه وآله وسلم جا خاڪا به ڏيکاريا هئا. بعد ۾ چيچن نوجوان شاتم اسلام استاد تي خنجر سان حملو ڪري کيس ماري ڇڏيو. فرانسينسي پوليس ان کي دهشتگردي جو واقعو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پوليس موجب 18 سالن جي حملي آور کي ڇوڪرن جي اسڪل ٻاهران ايندي 600 ميٽر جي فاصلي تان گولي جو نشانو بڻايو جنهن جي هٿن ۾ خنجر به ڏٺو ويو. اکين ڏٺن شاهدن موجب هن توهين اسلام جي جوابدار جي ڪنڌ تي حملو ڪيو هو.

پوليس اِهو به اعتراف ڪيو آهي ته ان عمل جي خلا ف ڪيترن ئي والدين شڪايت داخل ڪرائي هئي پر استاد کي ماريندڙ شخص جو ڪو سڃاڻپ وارو اسڪول ۾ نٿو پڙهي. ٻئي پاسي پوليس ٻڌايو ته حملي آور جو تعلق چيچنيا سان آهي جيڪو فرانس ۾ پناهه گير هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.