ڪراچي جي آبادي کي اڌ ڏيکارڻ ادارن جي زيادتي آهي: جماعت اسلامي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي جي آبادي کي اڌ ڪري ڏيکارڻ ادارن جي زيادتي آهي.

جماعت اسلامي جي حقن ڪراچي تحريڪ ۽ ڪراچي ريفرنڊم جي حوالي سان جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڪيترن ئي وڪيلن ڪراچي ريفرنڊم ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ به ڪيو.

حافظ نعيم الرحمان ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي حقن واري تحريڪ ۾ اسان عوامي راءِ وٺي رهيا آهيون، ڪراچي جي آبادي کي اڌ ڪري ڏيکاريو ويو آهي، اِها زيادتي آهي جيڪا ادارن طرفان ٿي، اُن وقت نواز شريف صاحب جي حڪومت هئي، جيڪڏهن ڪراچي جي آبادي گهٽ ڏيکاري پئي وڃي ته پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ٻئي خوش آهن.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي جو به والي وارث ناهي، هن شهر کي ورهايو ويو، وزير اعظم جا پيڪجز خيرات آهن، جڏهن ته اسان کي بااختيار شهري حڪومت ڏني وڃي، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ماڻهن کي ورهائي ڇڏيو آهي پر اسان هڪ آهيون، پيپلز پارٽي اِهو چوي ٿي ته سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي پر ڪراچي جي ڳالهه ڪيو ته تعصب جو مظاهرو ٿي ڪري، ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي سربراهه تابش گوهر کي وزير اعظم جو صلاحڪار بڻايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.