ڌاٻيجي: جنگشاهي جي پورهيت پاران بااثرن جي تشدد خلاف دانهون

جنگشاهي جي پورهيت  پاران  بااثرن جي تشدد خلاف ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ دانهون ڪيون ويون  جنگشاهي جي رهواسي اويس جوکيو ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان دانهيندي الزام هنيو  ته پ پ يوسي جنگشاهي جي صدر جمعون جوکيو،  انصاف جوکيو  ۽ ،ذولفقار جوکيو گذريل ڏينهن گهر جي گهٽي تان پاڻي جو ٽينڪر ڪراس ٿيڻ تان سندس پيرسن پيءُ  ۽ مٿس  وحيشاڻو تشدد ڪيو جنهن سبب سندس  پيرسن پيءُ  هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آھي،  بااثر ويتر انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏي رهيا آھين  جنهن سبب هو  خوف واري زندگي گھارڻ تي مجبور آھن،  هن  پ پ ضلعي ٺٽي جي قيادت کي اپيل ڪندي چيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي کيس انصاف ۽ تحفظ ڏيارين

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.