پيپلز پارٽي جي حڪمرانن سنڌ کي ترقي ڏيارڻ بدران تباھ ڪيو: شفقت شاهه

فنڪشنل ليگ  جي صوبائي اڳواڻ ۽ سکر جي ضلعي صدر شفقت شاھ چيو آھي تھ سنڌ ۾ گزريل پنڌرنھن سالن کان روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي نالي تي حڪومت ڪرڻ وارن حڪمرانن سنڌ کي ترقي ڏيارڻ  بدران  تباھ ڪيو آھي ۽ عوام  کي بنيادي سھولتن کان محروم رکيو آهي  ـ يونين ڪاميٽي 23 شاھ خالد ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب  ڪندي  هن چيو ته پ پ عوام سان دوکو ڪيو آهي ، ان موقعي تي ف ليگ اڳواڻ فقير عنايت ٻرڙو ـ مير اعجاز ٽالپر ـ محمد آفتاب مھر ـ الطاف مھر ـ محمد حنيف شيخ ـ محمد جاويد شيخ ـ ياسين جوڻيجو ـ ليڊيز ونگ اڳواڻ ميڊم رضيا عباسي ـ آپا ڪوثر پروين ـ خالدھ پٺاڻ ـ سميت وڏي انگ ۾ علائقي واسي ۽ ڪارڪن شريڪ هئا ،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.