ڪورونا وبا: وائرس سبب 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 17 فوتگيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 9 هزار 174 ٿي ويو جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 17 ڄڻا ڪورونا وائرس جي ڪري فوت ٿي ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 641 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 22 هزار 452 ٿي ويو.

اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ گهٽ ٿيو آهي جنهن کان پوءِ فعال ڪيسن جو انگ 9 هزار 174 رهجي ويو جڏهن ته هن وقت تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 6 هزار 640 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 17 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ گڏيل فوتگين جو انگ 6 هزار 638 ٿي ويو.

سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1 لک 41 هزار 474، پنجاب ۾ هڪ لک 1 هزار 425، خيبرپختونخواهه ۾ 38 هزار 565، اسلام آباد ۾ 17 هزار 913، بلوچستان ۾ 15 هزار 644، آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 398 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 330 انگ ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.