نيول فارمز ۽ نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان نيول فارمز ۽ نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله پاڪستان نيول فارمز ۽ نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيوي جي وڪيل ملڪ قمر افضل دليل مڪمل ڪري ورتا.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته جتي رول آف لا نه هجي اُتي غربت ٿيندي آهي ۽ ان جا اثر عوام کي ڀوڳڻا پوندا آهن.

جسٽس اطهر من الله چيو ته سي ڊي اي اسلام آباد جو ماسٽر پلان تباهه ڪري رکيو آهي، اِهو ڪورٽ ڏسندي ته قانون ڇا آهي ۽ فيصلو انهيءَ جي موجب ٿيندو.

هن پنهنجي ريمارڪس ۾ اِهو به چيو ته سي ڊي اي پنهنجي نوٽيس تي عمل نه ڪرائي سگهي ته اڳتي ڇا ڪندي.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته ان صورتحال ۾ پارليمنٽرينز پبلڪ فنڊ استعمال ڪيو هجي ها ته ڇا ٿئي ها؟

عدالت ڌرين کي لکت ۾ دليل هڪ هفتي ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سي ڊي اي آفيسر کي چيو ته توهان کي مطمئن ڪرڻو پوندو ته اِها اجازت ڪيئن ڏني؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.