ڪلوئي: اوباش نوجوانن جي تنگ ڪرڻ تي ناري جي آپگهات جو نوٽيس

ڪلوئي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ اوباش نوجوانن پاران تنگ ڪري ناري حسينه کي مبينا آپگهات تي مجبور ڪرڻ واري  خبر عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ بعد ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو،ايس ايس پي ٿرپارڪر پاران ناري جي وارثن ۽ ايس ايڇ او ڪلوئي کي مٺي آفيس طلب ڪري ناري جي مبينا آپگهات کان هڪ ڏينهن اڳ ڏنل درخواست تي انڪوائري جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو : ايس ايڇ او ڪلوئي  پنهل خان رند ٻڌايو ته ايس ايس پي ٿرپارڪر پاران ڏنل درخواست تي انڪوائري جو حڪم مليو آهي جلد جاچ ڪئي ويندي ، ٻئي پاسي ناري جي وارثن ڀاءُ محمد عيسا لنڊ، نور محمد، نصرالله لنڊ، خير محمد ۽ ٻين چيو ته بااثر اوباش ماڻهن درخواست تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.