سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضو ڪرڻ ۽ صدارتي آرڊيننس واپس وٺڻ لاء سنڌ ائڪشن ڪاميٽي پاران مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهر ا ڪري بک هڙتالون ڪيون ويون ، ميهڙ ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي . عوامي جمهوري پارٽي . جسقم ۽ ٻين  قومپرست پارٽين پاران سڪندر سوڍر. اقرار چانڊيو . قاسم خاصخيلي . ظفر سولنگي . شبير منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو ،نوابشاهه ۾ قوم پرست پارٽين، سول سوسائٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن مجيب ماڇي، علي رضا خاصخيلي، انيلا رفيق ملاح، سرمد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئين ناڪي نوابشاهه کان سوين ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي  وئي ، بدين ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران ايوان صحافت آڏو مظاهرو ڪيو ويو ، قمبر  ۾ عوامي تحريڪ،  ايس ٽي پي  پاران  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو  پ پ شهيد ڀٽو طرفان پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي وئي ،خيرپور ۾  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران  مريم توب کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو  ان موقعي تي اڳواڻن  مير منور ٽالپر، فياض خميساڻي، علي احمد ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو ،شھدادڪوٽ ۾ ايس يو پي، ايس ٽي پي، شھيد ڀٽو، جسقم، عوامي تحريڪ ۽ ٻين تنظيمن جي سوين ڪارڪنن ليبر حال کان رستم سومرو,حاڪم مستوئي,الله داد خشڪ ۽ زاھد مگسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو,قاضي احمد ۾  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سماٽ سي اين جي کان پريس ڪلب قاضي احمد چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن ڌڻي بخش ڪلوئي، ڪامريڊ ايم بي ڏاهري ء پير نعيم خطاب ڪيو ، ڪوٽڙي ۾ قومپرست پارٽي جي ڪارڪنن پاران  سنڌ جي ٻيٽن تي والار خلاف مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن کي قربان پنهور, ديدار شام, شبير ٻنگ, شبير ساند,اڳواڻ امجد مستوئي,مزاحمتي شاعر عاشق دادوي,ليکڪ سوجهرو سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪيو ،دوڙ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن مجاهد رستماڻي، شمس کوسو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب  دوڙ اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، وارھ ۾ عوامي تحريڪ  پاران  ڪامريڊ منان چانڊيو، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ، ڪامريڊ علي گل چانڊيو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي، کپرو ۾ قومي ڪارڪنن اڪبر مري. عثمان ڪنڀر. حسين ترڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،  مٺي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.جنهن کي  اوڀايو جوڻيجو. سائينداد هنڱورجو. گهنشام مالهي ، مشتاق قاسماڻي۽ٻين خطاب ڪيو ،خلاف نوشھروفيروز پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي ايس يو پي  جي مھر وسطڙو، خادم سيال، ايس ٽي پي جي حبيب مشوري اسد چانڊيو، پ پ شھيد ڀٽو جي خالد چانڊيو، بشارت کوسو ۽ ٻين ڪئي ، ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ جي قوم پرست تنظيمن ايس يوپي جي اڳواڻي ۾ سٽي پارڪ کان ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ، ان موقعي تي اڳواڻن  ساگرظريت بجاراڻي ، دلمراد ڏهاڻي، شھنواز مرهيٽو صدر اڪرم باجڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو ،ڀان سيدآباد ۾ ايس يو پي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن کي شبير ٻرڙو، اصغرسولنگي، اياز سولنگي، اڪبر بوبڪائي، ۽ٻين خطاب ڪيو ، ٽنڊو آدم ڪامريڊ محمد خان پنهور ، باغي مجاهد ٿهيم ،  ساگر ڏهراج جي اڳواڻي۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.