گهوٽڪي: ڊپٽي ڪمشنر پاران پاران عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر

گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر پاران پاران عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر  ڪري  ريٽ لسٽ جاري ڪئي وئي ، عمل نه ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪارروائي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو ، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪيا ويا جن  جي ريٽ لسٽ پڻ جاري ڪئي وئي ، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر  اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختياڪارن کي هدايت ڪئي  ته هو ضلعي انتظاميه پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽ تي سختي سان عمل ڪرائن جڏهن ته عمل نه ڪندڙن مٿان ڳرا ڏنڊ وجهي کيس رپورٽ اماڻين ، هن بيورو آف سپلائيز اينڊ پرائيس جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته هو روزانو جي بنيادن تي اگهن جو جائزو وٺن ته جيئن ضرورت موجب ريٽ لسٽ ۾ ردوبدل ڪري سگهجي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.