گرينڊ ھيلٿ الائنس مرڪز جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج

سنڌ گرينڊ ھيلٿ الائنس مرڪز جي سڏ تي اڄ به مختلف شهرن  جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا  ۽ علامتي  بک هڙتالون ڪيون ويون .بدين ۾  پنجين  ڏينهن به پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن پاران او پي ڊي بند ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويئي ، اڳواڻن  الهبچايو انڙ ، مير لکي ٽالپر جي اڳواڻي ۾  مظاهرو ڪيو ويو ، ٽنڊوآدم جي تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران ،مطالبن جي مڃتا لاءِ پنجين ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري مظاهرو ڪيو ويو   جنهن ڪري مريض سخت پريشاني جو شڪار رهيا ،اڳواڻن ڊاڪٽر صادق بلوچ ، مٺل پڃارو، ڪانڊيرو راهو، نعيم ڪيريو ۽ ٻين خطاب ڪيو ، ڪنڌڪوٽ ۾ بھ  سول اسپتال جي اوپي ڊي بند ڪري اسپتال جي مين دروازي اڳيان احتجاجي ڪمپ قاءم ڪري سنڌ حڪومت خلاف زوردار نعري بازي ڪئي وئي، اڳواڻن علي حسن قمبراڻي ،گوردن داس صدرالدين،  هزارخان ۽ ٻين چيو  ته  مطالبا منظور نھ ڪيا ويا تھ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ، قمبر ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو  ان موقعي تي ڊاڪٽر  منور علي، ڊاڪٽر الياس،  ڊاڪٽر سجاد علي ۽ ٻين ملازمن جو چوڻ هو ته گرينڊ ھيلٿ الائينس جو چارٽ آف ڊمانڊ منظور ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.