”بلاول ڀٽو مان اِها اميد نه هئي، ادارن خلاف دشمن واري ٻولي جي اجازت نه ڏبي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جو ڪالهه وارو جلسو فلاپ شو هو ۽ ڪنهن کي ادارن جي خلاف دشمنن جي ٻولي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

اسلام آباد ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته مسئلو اِهو آهي ته مخالف ڌر ڪالهه جيڪا زبان استعمال ڪئي خاص ڪري بلاول ڀٽو ۽ خواجا آصف انتهائي خراب ٻولي هئي، بلاول ڀٽو توهان مان اِها اميد نه هئي، اسان کي اِها اميد نه هئي ته توهان عورتن جي باري ۾ ايتري خراب ڳالهه ڪندا، انهن عورتن کي ان جو حصو بڻايو جن جو سياست سان ڪجهه به نه وڃي.

هن بلاول کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جي پنهنجي ماءُ به سياست ڪندا هئي، توهان کي ان ڳالهه جو احساس نه ٿيو ته جيڪا ٻولي توهان استعمال ڪري رهيا آهيو اُها مناسب آهي يا نه.

سندس چوڻ هو ته خواجا آصف ته انتهائي گهٽيا ڪم ڪيو، پاڪستان جو عوام اِهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو.

شبلي فراز چيو ته ڪالهه پي ڊي ايم جي اتحاد جي مظاهري ۾ نه ته اتحاد نظر آيو، نه يقين نظر آيو ۽ نه ڪا نظم و ضبط نظر آئي، ان اتحاد جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي جهڙي طرح خالي ڪرسين جي آڏو خطاب ڪرايو، منهنجي خيال ۾ هنن مولانا صاحب کي هميشه دوکو ڏنو، گذريل سال مارچ ۾ به ڏنو هو ۽ هاڻ به ڏنو آهي، اِهو نظر اچيو رهيو هو ته هن وٽ ڪو به پروگرام ناهي.

هن چيو ته مريم نواز ٻڌائي ته هن آخري ڀيرو ڪنهن غريب سان ڪڏهن ملاقات ڪئي هئي. هن کي غريبن جي ڏک ۽ سور جي ڪهڙي خبر، هنن جي جلسي ۾ به غريب ماڻهو نه هئا.

هن چيو ته هنن جو پهريون ئي شو ايترو فلاپ ٿيو آهي جو مون کي نٿو لڳي ته ان ڪو مستقبل آهي، هڪ هڪ مهينن کان تياريون ڪري رهيا هئا، ان جو انجام اسان ڪالهه هڪ فلاپ شو طور ڏٺو، اڌ اسٽيڊيم جي ماڻهو تقريرون ٻڌڻ کان سواءِ ئي هليا ويا.

هن چيو ته جهڙي ريت توهان ادارن تي ڳالهيون ڪيون اِها به توهان اهڙي راند ڪري رهيا آهيو جنهن سان پاڪستان کي وڌيڪ نقصان پيو رسي.

شبلي فراز نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته توهان مقرري ڪئي، توهان ايڪسٽنشن ۾ شريڪ هئا، اڄ ڇو ته توهان جي منشيا جي موجب شيون نه پيون ٿين ته توهان خراب ٻولي استعمال ڪرڻ شروع ڪئي، اِهو بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو.

فواد چوڌري:

ان موقعي تي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ڳالهائيندي چيو ته نومبر 2011ع ۾ عمران خان اڳڀرائي ڪئي هئي ته جڏهن به احتساب شروع ٿيندو ته هي سڀ گڏ ٿي ويندا ۽ ڪالهه اسان ڏٺو ته اميرن جا ٻار ڪهڙي ريت ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ هي بگڙيل اميرزادا ڪهڙي طريقي سان عوام ۽ فوج کي للڪاري رهيا هئا.

هن چيو ته 11 پارٽيون ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ کان پوءِ به جيڪڏهن 15 کان 18 هزار ماڻهو گڏ ڪري سگهي جڏهن ته گجرانوالا جي پنهنجي آبادي لکن ۾ آهي، گجرانوالا ڊويزن جي آبادي ڪروڙين ۾ آهي ۽ ان مان مخالف ڌر رڳو 15 کان 18 هزار آبادي گڏ ڪري سگهيا.

فواد چوڌري چيو ته تنظيم جو اِهو حال هو ته پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) رات 2 وڳي مولانا فضل الرحمان کي خطاب جو موقعو فراهم ڪيو، ان وقت خالي ڪرسين سان هن خطاب ڪيو.

هن چيو ته نواز شريف بلڪل رٺل محبوبه جهڙو رويو رکيو آهي، هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته فوج کان ڪيئن بدلو وٺجي، هن کان اُهو وقت نٿو وسري جڏهن هو لاڏ سان پلجندو هو.

هن چيو ته توهان فوج جي جرنيل، سينيئر آفسرن ۽ هيٺين رينڪ جي فوجين ۽ سپهاين جي وچ ۾ جيڪو فرق قائم ڪرڻ چاهيو پئي ته اصل ۾ اها ڀارت جي ايجنڊا آهي، آئون انهيءَ ڪري هر هر نواز شريف جي ٻاهر وڃڻ جي خلاف هيس ۽ مون هميشه اِها ڳالهه ڪئي ته نواز شريف کي ٻاهر نه وڃڻ ڏنو وڃي ڇو ته جڏهن اهڙا ماڻهو ٻاهر ويندا آهن ته الطاف حسين بڻجي ويندا آهن توهان عالمي اسٽيبلشمنٽ جو اثاثنو بڻجي ويندا آهيو.

هن چيو ته توهان فوج ۾ فرق وجهڻ جي ڪوشش ڪري ڀارتي نظريي کي هٿي ڏئي رهيا آهيو ۽ ان کي ڪالهه گجرانوالا، سيالڪوٽ، نارروال جي ماڻحن توهان کي رد ڪري ڇڏيو.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته هي چيا رهيا آهن ته ججن کان توهان فيصلا وٺي رهيا آهيو ته جنهن جج فيصلو ڏنو هو، اهو ته چيف جسٽس پاڪستان آهي، پوئين جج آصف سعيد کوسا ايڪسٽينشن جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو هو ۽ جيڪڏهن توهان جي بقول پاڪستان جو سڄو نظام عدل هڪ ٻن ماڻهن جي نظام تي هلي رهيو آهي ته ڇا توهان آئين سان غداري جي ڳالهه ناهيو ڪري رهيا؟

سندس چوڻ هو ته نواز شريف ۽ هن جي پارٽي طرفان عدليه ۽ فوج کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوس جوڳو عمل ۽ اِهو پاڪستان جي رياست تي حملو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.