ڪراچي ۾ فيڪٽري جي ڪيميل واري ٽائنڪي صاف ڪرڻ دوران 6 مزدور فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سائيٽ ايريا ۾ ڪمپني جي ڪيميڪل ٽينڪ ۾ ڪم دوران ساهه ٻوساٽجڻ 6 مزدور فوت ٿي ويا.

ڪراچي جي صنعتي علائقي سائيٽ ايريا ۾ ڪمپني اندر ڪيميڪل جي ٽائنڪي ۾ ڪم دوران 6 مزدور فوت ٿي ويا، لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گارمنٽس فيڪٽري جي ٽائنڪي ڪيميل جي هئي ۽ واقعي وقت مزدور فيڪٽري جي ٽائنڪي جي صفائي ڪري رهيا هئا، شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته مزدورن جو موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.