ڪوٽڏيجي لڳ ڪوسٽر جو ڊاڪٽر جي ڪار کي ٽڪر، ڇڪتاڻ، احتجاج

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ ) تعلقي اسپتال ڪوٽڏيجي جي ايم ايس ڊاڪٽر اختر سوهو  جي ڪار کي مسافر ڪوسٽر جي سائيڊ لڳڻ سبب ڪار جو  سائيڊ شيشو ٽٽڻ ڪري ايم ايس مسافر ڪوسٽر کي 3 ڪلاڪن تائين بيهاري ڇڏيو، ڊاڪٽر پاران پوليس طلب ڪري 15 هزار رپيا ڀري ڏيڻ جو چيو جنهن تي ڪوسٽر ڊرائيور انور علي ۽ مسافرن رسول بخش ڀيو ۽ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان ٽنڊو آدم کان روهڙي زيارت لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته هڪ بااثر ايم پي اي  پنهنجي اسڪاٽ سان گذاري رهيو هو، جنهن کي اسان سائيڊ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته روڊ بيٺل ڪار سان سائيڊ لڳڻ ڪري پاسي وارو شيشو ٽٽي پيو . هنن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر پاران 15 هزار ڀري ڏيڻ جو ضد ڪري پوليس گهرائي 3 ڪلاڪن تائين اسان مسافرن کي بهاري ڇڏيو،  اسان غريب آهيون اسان وٽ ايترا پئسا ناهن جو هن کي ڀري ڏيون جنهن بعد وڏي تعداد ۾ شهري ۽ صحافي گڏ ٿي ايم ايس ڊاڪٽر اختر سوهو کي مسلسل ايلاز ۽ منٿون ڪندا رهيا پر هن ڪنهن جي به ڪو نه ٻڌئي پنهنجي ضد تي قائم رهيو . ڪوٽڏيجي جي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين چندو ڪري  ڊاڪٽر کي 5 هزار رپيا ڀري ڏنا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.