همايون شريف ڀرسان ٻارڙن جي ڳالهه تان جهيڙي ۾ 10 ڄڻا زخمي

جيڪب آباد (ڊ ر) همايون شريف ڀرسان وڪڙو همايون لنڪ روڊ تي سڌايا ۽ سيانچ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو  ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب سيانچ برادري جا محمد اسلام سيانچ، عبدالستار، عبدالغفار، خان محمد، عبدالله، عبدالرحمان، شمن سيانچ ۽ سڌايا ڌر جا غلام مرتضيٰ، صابر علي ۽ قائم الدين سڌايو زخمي ٿي پيا، جن کي جاڳڻ ايٽ همايون پوليس علاج لاءِ ليٽر ڏئي شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن سيانچ برادري جي زخمين جو چوڻ آهي ته پلاٽ جي مامري تان مخالفن حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو آهي، جڏهن ته سڌايا برادري جو چوڻ آھي ته پلاث اسان جو ذاتي ملڪيت آھي سيانچ برادري جي ماڻهن کي عارضي طور پاڙيسري سمجهي ويهڻ لاءِ ڏنوسين ڪجھ سال گذرڻ بعد هنن ناجائز طريقي سان قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.